علامه طالب حسين جوهري

علامه طالب حسين جوهري

طالب حسين جوهري علامه

طالب حسين جوهري علامه: عالم دين، ليکڪ، شاعر علامه طالب حسين ولد مولانا شيخ محمد مصطفى جوهري 1939ع ڌاري هندستان جي علائقي حسين گنج ۾ ڄائو. هن جو والد پنهنجي وقت جو هڪ مشهور عالم دين ٿي گذريو آهي، جنهن ڪري هن پنهنجي نالي سان ’جوهري‘ لفظ استعمال ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان 1950ع ۾ ڪراچي ۾ رهائش پذير ٿيو. طلب حسين ابتدائي تعليم پنهنجي والد، چاچي مولانا محمد مرتضى ۽ مولانا سيد علي حيدر کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1957ع ۾ عراق جي شهر نجف اشرف هليو ويو، جتان ست سال تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس اچي ڪراچي جي اماميه مدرسي جو استاد مقرر ٿيو. ان کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر بڻيو.طالب حسين پهريائين پاڪستان ٽيلي ويزن جي ’فهم القرآن‘ جي نالي سان پروگرام ڪندو هو، جنهن ۾ ٻارن کي قرآن جو درس ڏيندو هو. جنهن کانپوءِ تقريباً ٽيهن چاليهن سالن کان هر سال پاڪستان ٽيليويزن تان محرم الحرام جي سلسلي جي مجلسِ ’شامِ غريبان‘ پڙهندو پيو اچي. هن وقت عالم طالب حسين جوهري جا ڪيترائي مجلسن جا ڪتاب، آڊيو، وڊيو ڪئسٽون پڻ رليز ٿي چڪيون آهن. سندس ’احسن الحديث‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب تمام گهڻو مشهور آهي. پاڻ هڪ سٺي خطيب، ذاڪر کانسواءِ بهترين شاعر پڻ آهي، مرثيه، سلام، نوحا ۽ قطعن کانسواءِ سٺو غزل گو شاعر به آهي. سندس غزلن جو هڪ مجموعو ’حرف نمو‘ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو